پنجاب ۾ ڪوهيڙي مختلف روڊ حادثن جي نتيجي ۾ ٻن ڀائرن سميت 5 ڄڻا فوت ۽ عورتن سميت 10 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن

Road-Accident-201016

پنجاب ۾ ڪوهيڙي مختلف روڊ حادثن جي نتيجي ۾ ٻن ڀائرن سميت 5 ڄڻا فوت ۽ عورتن سميت 10 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن.

ملتان جي شجاع آباد روڊ تي  شديد ڪوهيڙي سبب ملتان ويندڙ هڪ ڪار تيز رفتاري دوران ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪري واهه ۾ ڪري پئي.

حادثي جي نتيجي ۾ ڪار ۾ سوار ٻن ڀائرن سميت 5 ڄڻا فوت ٿي ويا، جڏهن ته عورتن ۽ ٻارڙن سميت 10 زخمي ٿي پيا آهن.

اطلاع تي پوليس حادثي واري هنڌ پهچي فوتين جا لاش ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو، جتي ڪجهه زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*