ترڪي جي شهر استنبول ۾ هڪ ٻئي پٺيان ٻن ڌماڪن ۾ 27 پوليس اهلڪارن سميت 29 ڄڻا مارجي ويا ۽ 166 ڄڻا زخمي ٿي پيا

turkey

ترڪي جي شهر استنبول ۾ هڪ ٻئي پٺيان ٻن ڌماڪن ۾ 27 پوليس اهلڪارن سميت 29 ڄڻا مارجي ويا ۽ 166 ڄڻا زخمي ٿي پيا، پوليس ۽ رضاڪارن امدادي ڪارروايون مڪمل ڪري علائقي کي ڪليئر قرار ڏئي ڇڏيو.

پرڏيهي خابرو ادارن موجب استنبول ۾ هڪ ڌماڪو فٽ بال اسٽيڊيم ۽ ٻيو ڌماڪو تقسيم اسڪوائر ڀرسان ٿيو، جن ۾29 ڄڻا مارجي ويا ۽ 166 کان وڌيڪ ماڻهو سخت زخمي ٿي پيا.

پوليس اسٽيڊيم ۽ تقسيم اسڪوائر وارن علائقن کي 5 ڪلاڪن لاءِ سيل ڪري ڇڏيو، جنهن کان پوءِ علائقي کي ڪليئر قرار ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو.

ترڪش گهرو وزارت موجب اسٽيڊيم ڀرسان ٿيل ڪار بم ڌماڪي ۾ مارجي ويلن جي اڪثريت پوليس اهلڪارن جي آهي.

ترڪ گهرو وزير موجب ٻئي ڪار ڌماڪا هئا، جيڪي رموٽ ڪنٽرول ذريعي ڪيا ويا، ڌماڪن کان پوءِ پوليس آپريشن ڪندي 10 کان وڌيڪ ماڻهن کي شڪ جي بنياد تي  حراست ۾ وٺي ڇڏيو………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*