ڪراچيءَ جي مختلف علائقن ۾ فائرنگ جي ڌار ڌار واقعن ۾ 2 ڄڻا مارجي ويا، ڊاڪٽر سميت 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن

khi police

ڪراچيءَ جي مختلف علائقن ۾ فائرنگ جي ڌار ڌار واقعن ۾ 2 ڄڻا مارجي ويا، ڊاڪٽر سميت 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن.

لياري جي مختلف علائقن ۾ اڻڄاتل هٿياربندن فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا مارجي ويا.

 ايم اي جناح روڊ تي جوبلي واري علائقي ۾ڦر دوران مزاحمت تي هٿياربندن فائرنگ ڪري هڪ ڊاڪٽر کي زخمي ڪري ڇڏيو.

حسن اسڪوائر ڀرسان موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو.

  عزيز آباد جي ڀنگوريا ڳوٺ ۾علائقي واسين هڪ مبينا ڦوروءَ کي پڪڙي تشدد جو نشانو بڻايو، جنهن کي بيهوشي واري حالت ۾ پوليس حوالي ڪيو ويو………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*