اڳوڻي پرڏيهي وزير حنا رباني کر چيو آهي ته افغان صدر اشرف غني اقتدار سنڀالڻ کانپوءِ پاڪستان سان دوستي جون وڏيون ڪوششون ڪيون پر حڪومت اهو موقعو وڃائي ويٺي

hina rabani khar

اڳوڻي پرڏيهي وزير حنا رباني کر چيو آهي ته افغان صدر اشرف غني اقتدار سنڀالڻ کانپوءِ پاڪستان سان دوستي جون وڏيون ڪوششون ڪيون پر حڪومت اهو موقعو وڃائي ويٺي، افغان حڪومت پهرين پاڪستان ۾ ترسيل پنهنجي شهرين کي واپس وٺي پوءِ ڪارروائي جو مطالبو ڪري.

بي بي سي کي انٽرويو ڏيندي حنا رباني کر چيو ته جنهن وقت اشرف غني اقتدار سنڀاليو هو، ان وقت افغانستان ۾ پاڪسان سان لاڳاپن ۾ بهتري جي ڪوشش ڪرڻ هڪ غير مقبول قدم هو پر اشرف غني ان جي باوجود پاڪستان سان دوستي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.

هن چيو ته هڪ سوال جي جواب ۾ حنا رباني جو چوڻ هو ته صدر اشرف غني ڀارت کان هارڊ ويئر خريد نه ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويو هو، انکانسواءِ افغان ڪيڊٽس کي پاڪستان ملٽري اڪيڊمي مان تربيت ڏيارڻ ۽ ٽرانزٽ في گهٽائڻ تي به راضي پر جيڪو موقعو اشرف غني صدر بڻجڻ بعد پاڪستان کي ڏنو اهو موجوده حڪومت وڃائي ڇڏيو.

افغانستان سان لاڳاپن بابت سويلين حڪومت جي ڪنٽرول جي حوالي سان پڇيل سوال جي جواب ۾ حنا رباني کر جو چوڻ هو ته جيتري تائين سرحد ۽ سڪيورٽي جو تعلق آهي ته ان ۾ فوج جو جائز ڪردار آهي پر جيڪڏهن اڪنامڪ اينگيجمينٽ جي ڳالهه آهي ته اهو سڀ ڪجهه حڪومت جي زميواري آهي.

افغان حڪومت پاران  حقاني نيٽ ورڪ خلاف ڪارروائي واري مطالبي بابت حنا رباني جو چوڻ هو ته سڀ کان پهرين افغان حڪومت کي پاڪستان ۾ رهندڙ پنهنجا شهري واپس گهرائڻا پوندا، ان کانپوءِ جيڪي ڪجهه ماڻهو هتي بچندا ته پوءِ افغان حڪومت انهن خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪري ته اهو مطالبو بلڪل ان طرح جائز هوندو، جهڙي ريت پاڪستان افغانستان کان تحريڪ طالبان پاڪستان خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪري ٿو.

اڳوڻي پرڏيهي وزير جو چوڻ هو ته پاڪستان کي پنهنجي عمل سان اهو ثابت ڪرڻو پوندو ته اسان جي وس ۾ جيڪو ڪجهه به آهي اهو اسان ڪيون ۽ ان کانپوءِ افغانستان مان ڪا اميد رکون.

حنا رباني جو چوڻ هو ته پاڪستان برطانيه هجي يا امريڪا ۽ ٻين هزارين ميل ڏور ملڪن سان لاڳاپا بهر بڻائڻ تي وسيلا خرچ ڪري ٿو پر جڏهن خطي ۾ پاڙيسري ملڪن جي ڳالهه ڪجي ته لاڳاپن ۾ اهو جوش ۽ هم آهنگي نظر نٿي اچي.

حنا رباني کر جو چوڻ هو ته پيپلز پارٽي جي حڪومتي دور ۾ افغانستان سان لاڳاپا بهتر ڪرڻ جون جيڪي ڪوششون ڪيون موجوده حڪومت انهن کي اڳتي وڌائڻ ۾ ناڪام رهي ۽ جتي اسان ڇڏيو هو، حالتون انهن کان به گهڻو ڏور هليون ويون آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*