ڪراچي ۾ رينجرز سرجاني ٽائون واري علائقي ۾ هڪ گهر تي ڇاپو هڻي زمين ۾ پوريل وڏي انگ ۾ هٿيار هٿ ڪري ورتا

Rangers-11816

ڪراچي ۾ رينجرز سرجاني ٽائون واري علائقي ۾ هڪ گهر تي ڇاپو هڻي زمين ۾ پوريل وڏي انگ ۾ هٿيار هٿ ڪري ورتا، رينجرز ذريعن موجب ڪارروائي سياسي پارٽي جي هڪ گرفتار  جوابدار جي نشاندهي تي ڪئي وئي آهي.

رينجرز اهلڪارن سرجاني ٽائون جي علائقي سيڪٽر 8 بي جي هڪ گهر تي ڇاپو هڻي زمين ۾ پوريل وڏي انگ ۾ هٿيار ۽ گوليون هٿ ڪري ورتيون آهن.

رينجرز ذريعن موجب هٿ آيل هٿيارن ۾ هڪ هيوي مشين، 5 ايل ايم جي، 4 جي ٿري رائيفل، 8 سب مشين، 4 ايٽ ايم رائيفل، 5 رپيٽرز ، 6 پسٽل ۽  5500 گوليون شامل آهن.

رينجرز ذريعن موجب ڪارروائي هڪ سياسي جماعت جي گرفتار جوابدار جي نشاندهي تي ڪئي وئي، هٿيار ڪجهه ڏينهن اڳ گهر ۾ پوري مٿان واشروم تعمير ڪرايو ويو هو………………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*