تحريڪ انصاف جي ترجمان نعيم الحق چيو آهي ته پاناما ليڪس ڪيس ۾ عدالتي فيصلي سان مايوسي ٿي، ڪمزور عدالتي نظام سبب ٻيهر دليل ڏيڻا پوندا

Naeem-Ul-Haq-161116

تحريڪ انصاف جي ترجمان نعيم الحق چيو آهي ته پاناما ليڪس ڪيس ۾ عدالتي فيصلي سان مايوسي ٿي، ڪمزور عدالتي نظام سبب ٻيهر دليل ڏيڻا پوندا.

لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي نعيم الحق چيو ته هـُــــو عدالت ۾ قانوني جنگ سان گڏ عوام وٽ به ويندا، اميد ختم ناهي ٿي، جلد نواز شريف نااهل ٿي ويندو.

هن چيو ته پي ٽي آءِ جو وڪيل نعيم بخاري دليل مڪمل ڪري چڪو، پر  ڪمزور عدالتي نظام سبب ٻيهر دليل ڏيڻا پوندا.

نعيم الحق چيو ته عمران خان اڱاري ڏينهن اجلاس ۾ مشاورت بعد اهم اعلان ڪندو، نئين چيف جسٽس آڏو پاناما جا ٻيهر ثبوت پيش ڪيا ويندا.

هن چيو ته پاناماليڪس ڪيس ۾ نواز شريف جو ڪوڙ پڪڙجي پيو آهي، هو نئين چيف جسٽس آڏو ٻيهر اثرائتا ثبوت پيش ڪندا………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*