وزيراعظم پوليو جي جلد خاتمي جو عزم ورجايو آهي پر ان حوالي سان ڪا به ڊيڊلائين ناهي ڏني وزير اعظم هائوس جو ترجمان

وزيراعظم هائوس، پوليو جي خاتمي بابت 6 مهينن جـِي ڊيڊلائين واري خبرن جي ترديد ڪندي چيو آهي ته وزيراعظم پوليو جي جلد کان جلد خاتمي جو عزم ورجايو آهي پر ان حوالي سان ڪا ڊيڊلائين ناهي ڏني.

وزيراعظم هائوس طرفان جاري ڪيل بيان موجب، گذريل ڏينهن وزيراعظم نواز شريف جي صدارت هيٺ پوليو جي خاتمي بابت اسٽيئرنگ ڪميٽيءَ جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ چئني صوبن جي وڏن وزيرن، مختلف ملڪن جي سفيرن ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي هئي.

ترجمان جو چوڻ آهي ته اجلاس ۾ وزيراعظم پاران پوليو جي خاتمي لاءِ 6  مهينن جي ڊيڊلائين واريون خبرون بي بنياد آهن، نواز شريف ان حوالي سان ڪا به ڊيدلائين ناهي ڏني.

ترجمان موجب، وزيراعظم نواز شريف پوليو جي جلد کان جلد خاتمي جو عزم ورجايو آهي ۽ چيو آهي ته نومبر کان اپريل تائين ” پوليو جي لو سيشن“ جو فائدو ورتو وڃي.

وزيراعظم هائوس جي ترجمان وڌيڪ چيو ته پوليو جي خاتمي لاءِ حڪومت پرعزم آهي، هر ٻار کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پيئاريا ويندا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*