پنجاب کان شروع ٿيل تيل بحران اسلام آباد ۽ پشاور کانپوءِ سنڌ پهچي ويو ڪراچي ۾ اڪثر پيٽرول پمپ بند ٿي ويا

پنجاب کان شروع ٿيل تيل بحران اسلام آباد ۽ پشاور کانپوءِ سنڌ پهچي ويو، ڪراچي جي ڪيترن علائقن ۾ پيٽرول پمپس بند، پيٽروليم ڊيلرز ايسئوسيئشن جو چوڻ آهي ته سنڌ جو پيٽرول پنجاب موڪليو پيو وڃي، فوري طور فراهمي شروع نه ڪئي وئي ته سنڌ ۾  بحران سنگين ٿي ويندو.

تيل بحران جي ذميوارن جو پتو لڳائڻ لاءِ وزيراعظم جي صدارت هيٺ اجلاس مٿان اجلاس، ناڻي ۽ پيٽروليم وارن وزيرن جا هڪٻئي مٿان الزام، اسحاق ڊار ناڻي وزارت کي ذميواري کان آجو قرار ڏيندي بحران کي حڪومت خلاف وڏي سازش قرار ڏئي ڇڏيو، وزيراعظم چيو آهي ته ذميوارن کي ڪنهن به صورت ۾ بخش نه ڪبو.

پنجاب ۾ پيٽرول جي سنگين بحران عوامي زندگي مفلوج بڻائي ڇڏي، 7 ڏينهن کان تيل جي کوٽ سبب روڊن تي پبلڪ ٽرانسپورٽ نه هئڻ برابر، ريسڪيو 1122 جون ايمبولينسز ۽ فائر برگيڊس جون گاڏيون به بيهجي ويون، ملڪي راڄڌاني اسلام آباد ۽ ڪي پي ڪي جي گادي واري شهر پشاور ۾ به بحران برقرار آهي.

پيٽرول بحران تي پيپلز پارٽي قومي اسيمبلي ۽ ايم ڪيو ايم سينيٽ ۾ التوا واري رٿ جمع ڪرائي ڇڏي، رٿن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته پيٽروليم، ناڻي ۽ بجلي واريون وزارتون آهن، ذميوار ايوان ۾ اچي جواب ڏين.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*