سنڌ جي مڪاني ادارن جا ملازم امڪاني برطرفي خلاف روڊن تي نڪري آيا، لاڙڪاڻو، گهوٽڪي

larkana-Map05-8

سنڌ جي مڪاني ادارن جا ملازم امڪاني برطرفي خلاف روڊن تي نڪري آيا، لاڙڪاڻو، گهوٽڪي، قمبر ۽ رتي ديري ۾ سوين ملازمن احتجاجي مظاهرو ڪندي برطرفي وارو فيصلو واپس وٺڻ جو مطالبو ڪيو آهي.

گهوٽڪي ۾ ميونسپل ملازمن امڪاني برطرفي خلاف رانجهن مهر، ابوبڪر ميراڻي، سليم بوزدار ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو مظاهرو ڪيو.

لاڙڪاڻي ۾ ملازمن آفيسن جي تالا بندي ڪري ريلي ڪڍي جناح باع چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو.

قمبر ۾ ميونسپل ملازمن عاشق گوپانگ، مختيار خاصخيلي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو.

امڪاني برطرفي خلاف رتي ديري ۾ ملازمن ڪم ڇڏ هڙتال ڪري احتجاجي ريل ڪڍي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي.

شهدادڪوٽ ۾ ميونسپل ملازمن مقبول شاهاڻي، جميل شاهه ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ميونسپل آفيس کان ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو مظاهرو ڪيو.

احتجاج ڪندڙن ملازمن جو چوڻ هو ته مڪاني ادارن جي ميرٽ تي ڀرتي ٿيل ملازمن کي برطرف ڪرڻ جو فيصلو سوين ملازمن سان نا انصافي آهي.

هنن مطالبو ڪيو ته برطرفي وارو فيصلو واپس وٺي سوين ملازمن کي بيروزگار ٿيڻ کان بچايو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ شروع ڪئي ويندي……………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*