ڏوڪري ويجهو هٿيار بندن پراڻي دشمني تان ڪار تي فائرنگ ڪري هڪ عورت کي قتل ڪري ڇڏيو، سجاول ڀرسان ملاح ۽ ميمڻ برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران نوجوان مارجي ويو

kandiyaro

ڏوڪري ويجهو هٿيار بندن پراڻي دشمني تان ڪار تي فائرنگ ڪري هڪ عورت کي قتل ڪري ڇڏيو، سجاول ڀرسان ملاح ۽ ميمڻ برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران نوجوان مارجي ويو، جڏهن ته ڪنڊيارو ڀرسان جوابدار پيرسن کي ڳلو ڪپي قتل ڪرڻ کانپوءِ لاش ڳوٺ ٻاهران اڇلائي ويا، پر پوليس واقعي جا ڪارڻ معلوم نه ڪري سگهي آهي.

ڏوڪري باءِ پاس تي پراڻي دشمني تان هٿيار بندن ڪار تي فائرنگ ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ مسمات شمشاد خاتون ٿڏي تي  مارجي وئي.

واقعي کانپوءِ جوابدار فرار ٿي ويا، جڏهن ته اطلاع تي پوليس پهچي مقتول عورت جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال پهچايو.

پوليس جو چوڻ  آهي ته واقعو پراڻي دشمني جو نتيجو آهي، جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪوششون جاري آهن.

سجاول جي ڳوٺ نودو بارڻ ۾ ملاح ۽ ميمڻ برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ جهيڙي جي نتيجي ۾ جوابدارن ڪهاڙين جا وار ڪري 20 ورهين جي دادو ملاح کي قتل ڪري ڇڏيو.

واقعي کانپوءِ جوابدار فرار ٿي ويا، جڏهن ته اطلاع تي پوليس پهچي مقتول نوجوان جو لاش کڻائي پوسٽ مارٽم ڪرائڻ لاءِ اسپتال منتقل ڪيو.

هوڏانهن ڪنڊيارو جي ڳوٺ غازي خان گوپانگ ۾ نامعلوم جوابدارن  60 ورهين جي پيرسن سڄڻ گوپانگ کي  ڳلو ڪپي قتل ڪرڻ بعد لاش ڳوٺ ٻاهران ڦٽو ڪري ويا.

پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جو ڪارڻ معلوم نه ٿي سگهيا آهن………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*