قمبر ويجهو ڇوڙي شاخ کي 30 فوٽ گهارو پوڻ ڪري فصل پاڻي هيٺ اچي ويو آهي، اطلاع باوجود آبپاشي عملو نه پهچڻ ڪري ڳوٺاڻا پنهنجي مدد پاڻ تحت گهارو بند ڪرڻ ۾ مصروف آهن

kamber

قمبر ويجهو ڇوڙي شاخ کي 30 فوٽ گهارو پوڻ ڪري فصل پاڻي هيٺ اچي ويو آهي، اطلاع باوجود آبپاشي عملو نه پهچڻ ڪري ڳوٺاڻا پنهنجي مدد پاڻ تحت گهارو بند ڪرڻ ۾ مصروف آهن.

ڳوٺ فيض محمد کوسو ڀرسان ڇوڙي شاخ کي 30 فوٽ گهارو پوڻ جي نتيجي ۾سوين ايڪڙن تي بيٺل فصل پاڻي هيٺ اچي ويو آهي.

ڳوٺاڻن آبپاشي عملي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪندي چيو ته گهارو بند نه ٿيڻ ڪري پاڻي تيزي سان آبادين طرف وڌي رهيو آهي.

هنن چيو ته شاخ کي لڳل گهارو فوري طور بند ڪرائي لاپروائي ڪندڙ عملي خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*