ڪراچي ۾ وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ صوبائي ايپڪس ڪميٽي جو اجلاس جاري آهي
ڪراچي ۾ وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ صوبائي ايپڪس ڪميٽي جو اجلاس جاري آهي، جنهن ۾ ڪراچي آپريشن ۽ قومي ايڪشن پلان تي عملدرآمد سميت مختلف معاملن تي غور ويچار ڪيو پيو وڃي، اجلاس کان اڳ وڏي وزير ۽ ڪور ڪمانڊر وچ ۾ نويڪلائي ۾ ملاقات ٿي، جنهن ۾ مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
وزير اعليٰ هائوس ڪراچي ۾ وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ جاري اجلاس ۾ ڪور ڪمانڊر ڪراچي ليفٽينٽ جنرل نويد مختار ، ڊي جي رينجرز
اجلاس ۾ ڪراچي آپريشن ۽ قومي ايڪشن پلان تي عملدرآمد سميت مختلف معاملن تي غور ويچار ڪيو پيو وڃي.
اجلاس کان اڳ وڏي وزير سان ڪور ڪمانڊر ڪراچي ليفٽيننٽ جنرل نويد مختار اڪيلائي ۾ ملاقات ڪئي، جنهن دوران وڏي وزير ، ڪور ڪمانڊر ۽ ڊي جي رينجرز پاران سنڌ ۾ مقرري دوران امن امان لاءِ ڪيل ڪوششن کي ساراهيو.