سنڌ ۾ عطائي ڊاڪٽرز خلاف ڪارروايون جاري آهن، گهوٽڪي، ڦل، فيض گنج، سئي گئس ۽ ٻين شهرن ۾ ڪاررروايون ڪري ڪيتريون ئي ڪلنڪس کي سيل ڪري هڪ عطائي ڊاڪٽر کي گرفتار ڪيو ويو آهي

thul atae doctor

سنڌ ۾ عطائي ڊاڪٽرز خلاف ڪارروايون جاري آهن، گهوٽڪي، ڦل،   فيض گنج، سئي گئس ۽ ٻين شهرن ۾ ڪاررروايون ڪري ڪيتريون ئي ڪلنڪس کي سيل ڪري هڪ عطائي ڊاڪٽر کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

گهوٽڪي ۾ ڊي ايڇ او ابوبڪر شيخ جي اڳواڻي ۾ صحت کاتي جي ٽيم  مختلف علائقن ۾ ڇاپا هڻي هڪ ليبارٽري ۽ عطائي ڊاڪٽر جي هڪ اسپتال کي سيل ڪري ڇڏيو.

نوشهروفيروز جي صحت کاتي جي ٽيم ڦل شهر ۾ ڪارروائي ڪندي هڪ عطائي ڊاڪٽر ثالم مري کي گرفتار ڪري 2 ميڊيڪل اسٽور ۽ 4 ڪلينڪس کي سيل ڪري ڇڏيو.

سيٺارجا ويجهو سئي گئس شهر ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر  ميرواهه جي اڳواڻي ۾ هيلٿ کاتي جي ٽيم عطائي ڊاڪٽر خلاف ڪارروائي ڪندي 5 ڪلينڪس کي سيل ڪري ڇڏيو.

فيض گنج جي شهر پڪا چانگ ۾ ايم ايس حفظ الرحمان سومرو  اڳواڻي ۾ عطائي ڊاڪترز خلاف ڪارروائي وئي ته شهرين اسپتالن ۾ دوائن جي کوٽ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو، جنهن بعد صحت کاتي جي ٽيم ڪارروائي ۾اڌ  ۾ ڇڏي واپس هلي وئي……………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*