اسلامي نظرياتي ڪائونسل جو اجلاس اڄ ٿي رهيو آهي

اسلامي نظرياتي ڪائونسل جو اجلاس اڄ ٿي رهيو آهي، جنهن ۾ 21 هين ترميم جو شريعت جي روشني ۾ جائزو ورتو ويندو.

اسلام آباد ۾ اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي ٿيندڙ 197هين اجلاس جي  صدارت چيئرمين مولانا محمد خان شيراني ڪندو.

اجلاس ۾ ايڪوِيهين آئيني ترميم جو شريعت موجب جائزو وٺڻ سميت مختلف معاملن تي غور ويچار ڪيو ويندو.

اسلامي نظرياتي ڪائونسل سيڪريٽريٽ طرفان سمورن ميمبرن کي اجلاس جي ايجنڊا  جون ڪاپيون موڪليون ويون آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*