آرمي پبلڪ اسڪول تي دهشتگردن جي حملي ۾ شهيد ٿي ويل معصوم ٻارڙن ۽ استادن جو اڄ چاليهو ملهايو پيو وڃي

آرمي پبلڪ اسڪول پشاور جي شهيدن جو چاليهو اڄ چاليهو ملهايو پيو وڃي، چاليهي جي مرڪزي تقريب وزيراعليٰ هائوس ۾ ٿيندي، جنهن ۾ پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان ۽ ٻيا شرڪت ڪندا، صوبي ۾ عام موڪل ڪئي وئي آهي.

 آرمي پبلڪ اسڪول تي دهشتگردن جي حملي ۾ شهيد ٿي ويل معصوم ٻارڙن ۽ استادن جو اڄ چاليهو ملهايو پيو وڃي.

چاليهي جي مناسبت سان اسلام آباد ۽ راولپنڊي سميت ملڪ جي تعليمي ادارن ۽ ٻين هنڌن تي اجتماعي قرآن خواني، فاتحه خواني ۽ خصوصي دعائن واريون تقريبون منعقد ڪيون وينديون.

چاليهي جي مرڪزي تقريب سي ايم هائوس پشاور ۾ ٿيندي، جنهن ۾ پي ٽِي آءِ چيئرمين عمران خان سميت ٻيون اهم شخصيتون شرڪت ڪنديون.

ڪي پي ڪي سرڪار صوبي ۾ عام موڪل ڪري ڇڏي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*