پشاور جي بڊبير واري علائقي ۾ پوليس ۽ دهشتگردن جي مقابلي ۾ هڪ اهلڪار شهيد ٿي ويو

 پشاور جي بڊبير واري علائقي ۾ پوليس معمول جي گشت تي هئي ته دهشتگردن فائرنگ ڪري ڏني، جنهن دوران پوليس ۽ دهشتگردن ۾ مقابلو ٿي پيو.

ايس ايس پي انويسٽيگيشن موجب، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ هڪ اهلڪار شهيد ٿي ويو، جڏهن ته پوليس جي فائرنگ ۾ هڪ دهشتگرد مارجي ويو ۽ ٻيا فرار ٿي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا.

واقعي بعد پوليس علائقي کي گهيري هيٺ آڻي سرچ آپريشن شروع ڪري ڇڏيو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*