ڪو به سٺو يا خراب نه پر سمورا طالبان دهشتگرد آهن جنرل عاصم سليم باجوه

پاڪ فوج جي ترجمان ميجر جنرل عاصم سليم باجوه چيو آهي ته دهشتتگردي خلاف سڄي قوم متحد  آهي، ڪوبه سٺو يا خراب نه پر سمورا طالبان دهشتگرد آهن.

هڪ آمريڪي ٽي وي کي انٽرويو ڏيندي عاصم سليم باجوه چيو ته اتر وزيرستان ۾ دهشتگردن خلاف آپريشن ۾ وڏيون ڪاميابيون مليون آهن ۽ دهشتگردن جي ڪنٽرول هيٺ اڪثر علائقن کي ڪليئر ڪرايو ويو آهي.

ميجر جنرل عاصم سليم باجوا چيو ته آخري دهشتگرد جي خاتمي تائين آپريشن جاري رهندو ۽ دهشتگردي خلاف سموري قوم متحد آهي.

ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته  دهشتگردي جو واقعو ڪنهن به وقت ۽ ڪٿي به  پيش اچي سگهي ٿو.

هڪ سوال جي جواب ۾  پا ڪ  فوج جي  ترجمان چيو ته ڪوبه سٺو يا خراب  نه پر سمورا طالبان دهشتگرد آهن.

عاصم سليم باجوا  چيو ته پشاور سانحي کانپوءِ افغانستان سان لاڳاپا بهتر ٿيا آهن، عالمي برادري کي دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏيڻ گهرجي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*