پنجاب جي مختلف شهرن ۾ پئٽرول جي شديد کوٽ برقرار بحران جي جاچ لاءِ جوڙيل ڪميٽي اڄ رپورٽ پيش ڪندي

پنجاب جي مختلف شهرن ۾ پئٽرول جي شديد کوٽ برقرار آهي، وزيراعظم پاران بحران جي جاچ لاءِ جوڙيل ڪميٽي اڄ رپورٽ پيش ڪندي.

ملڪ جي گادي واري شهر اسلام آباد، راولپنڊي، لاهور، فيصل آباد، قصور، سيالڪوٽ، گوجرانوالا ۽ ٻين ننڍن وڏن شهرن ۾ پئٽرول جي شديد کوٽ ماڻهن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي.

پئٽرول پمپس تي هر وقت رش رهي ٿي ۽ ماڻهو گاڏين جي ڊگهين قطارن ذريعي پئٽرول جو انتظار ڪن ٿا، جڏهن ته موٽرسائيڪلز ۽ دٻن ۾ پئٽرول حاصل ڪرڻ لاءِ به ماڻهن جو ايترو انگ موجود هجي ٿو پمپ تي هڪ ميلي وارو ماحول نظر اچي ٿو.

گهرو معاملن، ريلويز ۽ ناڻي کاتي واري وفاقي وزيرن پاران پئٽروليم وزارت کي بحران جو ذميوار قرار ڏيڻ بعد پئٽروليم ۽ قدرتي وسيلن واري وفاقي وزير شاهد خاقان عباسي به عوام کي کوٽ جو ذميوار قرار ڏيندي چيو آهي ته جنوري مهيني ۾ کپت وڌڻ ڪري بحران پيدا ٿيو.

وفاقي وزير اسحاق ڊار بحران کي سرڪار خلاف سازش قرار ڏنو آهي، وزيراعظم نوازشريف پاران معاملي جي جاچ لاءِ جوڙيل ڪميٽي 2 رڪني اڄ رپورٽ پيش ڪندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*