پنجاب ۾ ڌار ڌار روڊ حادثن جي نتيجي ۾ 8 ڄڻا فوت 20 کان وڌيڪ زخمي

پنجاب جي مختلف مظفر ڳڙهه ۽ تله گنگ وارن علائقن ۾ ٻن ڌار ڌار روڊ حادثن جي نتيجي ۾ 5 اسڪولي ٻارڙن سميت 8 ڄڻا فوت ٿي ويا ۽ 20 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا آهن.

مظفر ڳڙهه جي ڪوٽ ادو واري علائقي ۾ اسڪول وين ۽ بس وچ ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ اسڪولي وين جي ڊرائيور سميت 5 ٻارڙا فوت ٿي ويا ۽ 15 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا آهن.

حادثي جي زخمين کي ڊسٽرڪٽ هيڊ ڪواٽر اسپتال مظفڙهه ڳڙهه منتقل ڪيو ويو، جتي کين طبي امداد ڏني پئي وڃي.

اسپتال ذريعن موجب، حادثي جي زخمين مان ڪجهه جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.

پوليس موجب، حادثو ڪوهيڙي سبب پيش آيو، بس ڊرائيور کي حراست ۾ ورتو ويو آهي.

تله گنگ ڀرسان راولپنڊي روڊ تي ٽرڪ ۽ تيز رفتار مسافر بس وچ ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا فوت ۽ 6 کان وڌيڪ ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن.

حادثي جي زخمين کي ڊسٽرڪيٽ هيڊ ڪواٽر اسپتال تله گنگ منتقل ڪيو  ويو، جتي زخمين کي طبي امدا ڏني پئي وڃي.

پوليس موجب، حادثو تيز رفتاري سبب پيش آيو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*