پنجاب ۾ تيل بحران تي ضابطو آڻڻ لاءِ ڪوششون ڪيون پيون وڃن شهباز شريف

پنجاب جَي وڏي وزير شهباز شريف چيو آهي ته دهشتگردن کي پاڪستان ۾ سر لڪائڻ جي جاءِ نه ڏني ويندي، قوم متحد ٿي چڪي آهي، پنجاب ۾ تيل بحران تي ضابطو آڻڻ لاءِ ڪوششون ڪيون پيون وڃن.

لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شهباز شريف چيو ته پشاور سانحو ملڪي تاريخ جو بدترين واقعو آهي، جنهن تي اڄ به هر اک رت جا ڳوڙها ڳاڙي رهي آهي.

شهباز شريف پنجاب ۾ پيٽرول بحران بابت چيوته پيٽرول بحران ٿيڻ سبب عوام کي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پيو، پيٽرول بحران جي ذميوارن جو احتساب ڪيو ويندو.

شهباز شريف وڌيڪ چيو ته پنجاب ۾ پيٽرول بحران ڪيئن پيدا ٿيو، کيس سمجهه ۾ نه ٿو اچي، عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ سمور وسيلا ڪتب آندا ويندا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*