سنڌ ۾ آبادگارن کي ڪمند ۽ سارين جو مناسب اگهه نه ملڻ خلاف جيڪب آباد ۽ دادو ۾ پ پ شهيد ڀٽو جي ڪارڪنن پاران احتجاجي مظاهرو ڪيا ويا

dadu ppsb

سنڌ  ۾ آبادگارن  کي ڪمند ۽ سارين جو مناسب اگهه نه ملڻ خلاف  جيڪب آباد ۽ دادو ۾ پ پ شهيد ڀٽو جي ڪارڪنن پاران احتجاجي مظاهرو ڪيا ويا.

آبادگارن کي سارين ۽ ڪمند جو مناسب اگهه نه ملڻ خلاف جيڪب آباد ۾ پ پ شهيد ڀٽو ڪارڪنن ريلي ڪڍي شهر جو گشت ڪرڻ کانپوءِ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو.

دادو  ۾ پ پ شهيد ڀٽو  جي ڪارڪنن ڪامريڊ علي محمد جمالي، زين گهلو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو.

احتجاج ڪندڙن چيو ته سنڌ جي آبادگارن کي ڪمند ۽ سارين جو مناسب  خريداري اگهه نٿو ملي، جنهن ڪري زراعت تباهي هي ڪناري تي پهچي وئي آهي.

هنن چيو ته آبادگارن پاران ڪيترائي ڀيرا احتجاج ڪرڻ باجود ڪمند جو  مناسب اگهه نٿو ملي، وقت سر سگر ملون نه کلڻ ڪري آبادگار نقصان کي منهن ڏئي رهيا آهن.

هنن مطالبو ڪيو ته سارين ۽ ڪمند  جو مناسب خريداري اگهه مقرر ڪري آبادگارن کي معاشي نقصان کان بچايو وڃي………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*