ڄام نواز علي ۾ 15 ڪروڙ رپين جي لاڳت سان تعمير ڪرايل واٽر سپلاءِ اسڪيم ناڪارا هئڻ خلاف شهرين جي احتجاج کانپوءِ صوبائي صلاحڪار فياض ٻٽ پهچي شهرين کي اسڪيم جو ڪم

jam

ڄام نواز علي ۾ 15 ڪروڙ رپين جي لاڳت سان تعمير ڪرايل واٽر سپلاءِ اسڪيم ناڪارا هئڻ خلاف شهرين جي احتجاج کانپوءِ صوبائي صلاحڪار فياض ٻٽ پهچي شهرين کي اسڪيم جو ڪم هڪ مهيني اندر مڪمل ڪرائي پاڻي فراهم ڪرڻ جي خاطري ڪرائي آهي.

شهر ۾ واٽر سپلاءِ جي اسڪيم ناڪارا هئڻ خلاف شهرين ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي.

شهرين  چيو ته 15 ڪروڙ رپين جي لاڳت سان تعمير ڪرايل واٽر سپلاءِ اسڪيم جو ڪم اڍ ۾ رڪجڻ سبب شهر پيئڻ جي پاڻي کان محروم ٿي ويو آهي.

صوبائي صلاحڪار فياض ٻٽ ڄام نواز علي پهچي شهرين کي واٽر سپلاءِ اسڪيم جو ڪم فوري طور مڪمل  ڪرڻ جي خاطري ڪرائي، جنهن کانپوءِ احتجاج ختم ڪيو ويو.

صوبائي صلاحڪار جو چوڻ هو ته اڻپوري رٿا جو ڪم مهيني اندر مڪمل ڪرائي شهرين کي پيئڻ  جو صاف پاڻي فراهم ڪيو ويندو…………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*