ڪنڊيارو جي ڳوٺ نيو سامٽيا ۾ پرائمري اسڪول جو مرمتي ڪم نه ٿيڻ خلاف اسڪولي ٻارڙن ۽ ڳوٺاڻن احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو

kandiyaro school ehtijaj

ڪنڊيارو جي ڳوٺ نيو سامٽيا ۾ پرائمري اسڪول جو مرمتي ڪم نه ٿيڻ خلاف اسڪولي ٻارڙن  ۽ ڳوٺاڻن احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو.

نيو سامٽيا جي پرائمري اسڪول جو مرمتي ڪم نه ٿيڻ خلاف ڳوٺاڻن نجيب احمد، نثار سولنگي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو.

احتجاج ڪندڙن چيو ته ڪيترائي ڀيرا احتجاج ڪرڻ باوجود اسڪول جو مرمتي ڪم شروع نه ٿي سگهيو آهي.

هنن چيو ته اسڪول جا چاپڙ ڪرڻ سبب شاگردن جو زخمي ٿيڻ معمول بڻيل آهي، پر تعليم کاتي جون اختياريون اگهور ننڊ ستل آهن.

احتجاج ڪندڙن مطالبو ڪيو ته اسڪول جو فوري طور مرمتي ڪم شروع ڪرايو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رکيو ويندو…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*