ٺل جي يار محمد شاهه قبرستان جي زمين تي بااثرن جي مبينا قبضي خلاف رهواسين احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو

thul kabzo

ٺل جي يار محمد شاهه قبرستان جي زمين تي بااثرن جي مبينا قبضي خلاف رهواسين احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو.

شهرين ظهور ڪنراڻي، سڪندر علي، منور ڪنراڻي ۽ ٻين ٻارڙن سميت پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪندي نعريبازي ڪئي.

مظاهرين چيو ته بااثر ماڻهو روينيو عملدارن سان ملي ڀڳت ڪري قبرستان جي زمين تي قبضو ڪري اڏاوتون ڪري رهيا آهن.

 هنن چيو ته ڪيترا ڀيرا ڊي سي، اسسٽنٽ ڪمشنر توڙي ٻين عملدارن کي درخواستون ڏنيون آهن، پر ڪو به تدارڪ نه ٿي سگهيو آهي.

  هنن چيو ته قبرستان جي زمين تي ٿيل قبضو هٽائڻ سميت ملوث ماڻهن ۽ روينيو عملدارن خلاف ڪارروائي ڪي وڃي ٻئي صورت ۾ احتجاج جاري رهندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*