لاڙڪاڻي ۾ بيبي آصفه ڊينٽل ڪاليج ۾ سيالياني امتحان جا پيپرز ڪئنسل ڪرڻ خلاف شاگردن ۽ شاگردياڻن احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو

larkana dental collge

لاڙڪاڻي ۾ بيبي آصفه ڊينٽل ڪاليج ۾ سيالياني امتحان جا پيپرز ڪئنسل ڪرڻ خلاف شاگردن ۽ شاگردياڻن احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، شاگردن مطالبو ڪيو ته پيپر ڪئنسل ڪرڻ وارو فيصلو واپس وٺي سندن سال ضايع ٿيڻ کان بچايو وڃي.

بيبي آصفه ڊينٽل ڪاليج ۾ سيالياني امتحان جا پيپرز ڪئنسل ڪرڻ خلاف شاگردن ۽ شاگردياڻين عبدالله ٻگهيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ وي سي سيڪريٽريٽ آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو .

شاگردن جو چوڻ هو ته بيبي آصفا ڊيٽنل ڪاليج ۾ استادن جا 2 گروپ آهن، جن جي ذاتي جهيڙي سبب ڪاليج جا ساليانه پيپرز ملتوي ڪيا ويا آهن.

هنن چيو ته شاگردن ۽ شاگردن امتحان جي پوري تياري ڪري ورتي هئي، پر اوچتو پيپرز ڪئنسل ڪري کين پريشانين ۾ مبتلا ڪيو ويو آهي.

هنن مطالبو ڪيو ته پيپرز ڪئنسل ڪرڻ واري فيصلو واپس وٺي شاگردن ۽ شاگردياڻين جو سال ضايع ٿيڻ کان بچايو وڃي، ٻي صورت ۾ انتظاميه خلاف سخت احتجاج ڪيو ويندو……………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*