لاڙڪاڻي ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪندڙ اميدوارن ڪميشن جي نئين سر جوڙ جڪ ڪري فوري طور مقرري جا آرڊر ڏيڻ لاءِ احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو آهي

larkana public

لاڙڪاڻي ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪندڙ اميدوارن ڪميشن جي نئين سر جوڙ جڪ ڪري فوري طور مقرري جا آرڊر ڏيڻ لاءِ احتجاجي ريلي ڪڍي  مظاهرو ڪيو آهي.

اسٽنٽ ڪمشنر، مختيار ڪار ۽ سيڪشن آفيسر جو امتحان پاس ڪندڙ اميدوارن واحد ڪلهوڙو ، حامد عباسي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾  لاڙڪاڻي ۾ شاهنواز ڀٽو لائبريري کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو.

احتجاج ڪندڙ اميدوارن چيو ته  2013  ۾  227 اميدوارن پبلڪ سروس ڪميشن جو چٽا ڀيٽي وارو امتحان پاس ڪيو، کين آفر آرڊر ته ڏنا ويا پر اڃا تائين مقرري جا آرڊر نه ڏنا ويا آهن.

هنن مطالبو ڪيو ته  فوري طور قانوني گهرجون پوريون ڪري پبلڪ سروس ڪميشن جي چيئرمين ۽ ميمبرن جي مقرري  ڪري  سندن مقرري جا آرڊر جاري ڪيا وڃن، ٻي صورت ۾ احتجاج جو سلسلو جاري رکيو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*