آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه پريڊ لين ۽ باچا خان يونيورسٽي تي حملي ۾ ملوثن سميت 13 دهشتگردن جي موت واري پرواني تي صحيح ڪري ڇڏي آهي

army cheif kamer

آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه پريڊ لين ۽ باچا خان يونيورسٽي تي حملي ۾ ملوثن سميت 13 دهشتگردن جي موت واري پرواني تي صحيح ڪري ڇڏي آهي، آءِ ايس پي آر چيو آهي ته سزا ٻڌايل 13 دهشتگردن 325 ماڻهن کي قتل ڪيو.

آءِ ايس پي آر پاران جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه 13 دهشتگردن جي موت واري سزا جي توثيق ڪري ڇڏي آهي.

آءِ ايس پي آر موجب جن دهشتگردن جي موت واري پرواني تي آرمي چيف صحيح ڪئي آهي، انهن ۾ پريڊ لين ۽ باچا خان يونيورسٽي تي حملي ۾ ملوث دهشتگرد به شامل آهن.

آءِ ايس پي آر جي پڌرائي ۾ اهو به چيو ويو آهي ته سمورن دهشتگردن کي فوجي عدالت موت جي سزا ٻڌائي هئي.

سزا ٻڌايل دهشتگردن ۾ مانسهره ۾ اين جي اوز آفيس تي حملي ۾ ملوث دهشتگرد به شامل آهن.

جن دهشتگردن کي موت جي سزا ٻڌائي وئي آهي، انهن ۾ اڪبر علي، رحمان، ميان عقيل، نور محمد، لطيف الله، محسود، محمد عرفان، عبالرحمان ، سيد رحيم، نور محمد، شير علي سيد قاسم شاهه، محمد عثمان ۽ محمد وقار شامل آهن……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*