ڪراچي جي ڪياماڙي واري علائقي ۾ مهاڻن ڪي پي ٽي ٻاهران مبينه ڀتي جي وصولي خلاف احتجاج ڪيو، جنهن سبب ڪي پي ٽي کان نيٽي جيٽي تائين ٽريفڪ جام ٿي وئي

karachi map

ڪراچي جي ڪياماڙي واري علائقي ۾ مهاڻن ڪي پي ٽي ٻاهران مبينه ڀتي جي وصولي خلاف احتجاج ڪيو، جنهن سبب ڪي پي ٽي کان نيٽي جيٽي تائين ٽريفڪ جام ٿي وئي.

مهاڻن ڀتي جي مبينيه وصولي خلاف ڪي پي ٽي ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، جنهن سبب ٽريفڪ جي اچ وڄ معطل ٿي وئي.

احتجاج ڪندڙن چيو ته ڪي پي ٽي ٻاهران سيڪيورٽي جي نالي تي کانئن ڀتو وصول ڪيو وڃي ٿو، جيڪو عمل ڪنهن ۾ صورت ۾ قبول نه ڪيو ويندو.

هنن مطالبو ڪيو ته ڀتي جي وصولي وارو سلسلو بند ڪري کين انصاف فراهم ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*