تيل بحران سبب عوام کي مشڪلاتون پيش آيون وزيراعظم نواز شريف

تيل بحران جي ذميوارن جي تعين لاءِ وزيراعظم پاران جوڙيل جاچ ڪميٽي رپورٽ پيش ڪري ڇڏي آهي، رپورٽ ۾ تيل بحران جو اوگرا ۽ پي ايس او ڊپٽي مئنيجنگ ڊائڪريٽر کي قرار ڏنو ويو، وزيراعظم چيو آهي  ته اهڙا قدم کنيا وڃن جنهن سان اڳتي هلي اهڙا بحران پيدا نه ٿين.

وزيراعظم نواز شريف پاران تيل بحران جي جائزي بابت اجلاس ٿيو، جنهن ۾ وزيراعظم جي پيٽروليم بابت صلاحڪار مظفر شاهه جي سربراهي ۾ 2 رڪني ڪميٽي جاچ رپورٽ پيش ڪئي.

وزيراعظم کي  تيل بحران بابت پيش ڪيل رپورٽ ۾ اوگرا ۽ پي ايس او جي ڊپٽي مئنيجنگ ڊائريڪٽر کي ذميورا قرار ڏنو ويو آهي

رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته پي ايس او جي 4 آفيسرن جي معطلي وارو فيصلو درست آهي، جيڪا ملڪ اندر تيل بحرا جا ذميوار هئا.

وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته تيل بحران سبب عوام کي مشڪلاتون پيش آيون، اڳتي هلي اهڙا قدم کنيا وڃن، جنهن  سان اهڙا بحران پيش اچن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*