سپريم ڪورٽ نااهلي ڪيس جي ٻڌڻي سومر تائين ملتوي ڪري ڇڏي

سپريم ڪورٽ ۾ وزيراعظم  نااهلي ڪيس جي ٻڌڻي دوران   جسٽس جواد ايس خواجه ۽ درخواستگذار جي وڪيل عرفان قادر ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ ٿي آهي، جسٽس سرمد جلال عثماني ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته وزيراعظم اسيمبلي جي فلور تي جيڪو ڪجهه چيو، آرمي چيف ان جي ترديد ناهي ڪئي ۽ نه ئي وزيراعظم تي الزام ثابت ٿيو آهي.

وقتي چيف جسٽس، جسٽس جواد ايس خواجه جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي ٽـَي رڪني بينچ، وزيراعظم نواز شريف جي نااهلي بابت داخل درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻي دوران ريمارڪس ڏيندي وقتي چيف جسٽس، جسٽس جواد ايس خواجه چيو ته آرمي چيف ۽ وزيراعظم ۾ روز ملاقات ٿيندي آهي، جيڪڏهن الزام غلط ثابت ٿيو ته درخواست ٻڌڻ جو ڪهڙو جواز رهندو.

 جسٽس سرمد جلال عثماني ريمارڪس ڏنا ته وزيراعظم اسيمبلي فلور تي جيڪو ڪجهه چيو، آرمي چيف ان جي ترديد ناهي ڪئي ۽ نه ئي وزيراعظم تي ڪو الزام ثابت ٿيو آهي.

ٻڌڻي دوران درخواستگذار جي وڪيل عرفان قادر چيو ته هنن رجسٽرار جي اعتراضن خلاف درخواست ڏني آهي، ان تي ٻڌڻي نٿي ڪئي وڃي، 65 ڏينهن کان سپريم ڪورٽ اچي رهيا آهيون پر کين آخري پنجن منٽن ۾ دليل مڪمل ڪرڻ جو چيو وڃي ٿو.

جسٽس جواد ايس خواجه، عرفان قادر ڏانهن مخاطب ٿيندي چيو ته توهان ڪوئيٽا ۾ اچو، اتي سڄو ڏينهن توهان کي ٻڌو ويندو.

عرفان قادر جواب ڏنو ته سندس درخواست هن عدالت ۾هلندڙ آهي، هـُو ڪوئيٽا نه ايندو ۽ نه ئي ڪيس انصاف جي اميد آهي.

جسٽس جواد ايس خواجه ريمارڪس ڏنا ته جيڪڏهن توهان کي ايتري ئي جلد آهي ته پوءِ ٻڌڻي تڪڙي بنيادن تي هلائڻ واري درخواست ڏني وڃي، جنهن بعد ٻڌڻي سومر تائين ملتوي ڪئي وئي.

وزيراعظم نااهلي ڪيس جي ٻڌڻي 10 نومبر تي سپريم ڪورٽ ڪوئيٽا رجسٽري ۾ ٿيندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*