موهن جو دڙو ويجهو ڏوڪري پوليس پاران هڪ ڳوٺ تي چڙهائي ڪري ڳوٺاڻن تي مبينا تشدد ڪيو ويو

موهن جو دڙو ويجهو ڏوڪري پوليس هڪ ڳوٺ تي چڙهائي ڪري ڳوٺاڻن تي مبينا تشدد ڪرڻ بعد لکين  رپين جي ڦر لٽ ڪئي.

ڏوڪري جي مختلف ٿاڻن جي پوليس ڊي ايس پي جي اڳواڻي ۾ ڳوٺ فتح محمد ڪسر تي چڙهائي ڪري ڀڃ ڊاهه ڪئي.

ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته پوليس چادر ۽ چوديواري جو تقدس پامال ڪيو ۽ عورتن، ٻارڙن تي به تشدد ڪيو آهي.

ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته پوليس  چڙهائي دوران شادي جي تقريب هلي رهي هئي، جنهن ۾ پوليس گهوٽ سلمان ڪسر تي به وحشياڻو تشدد ڪيو.

ڳوٺاڻن  الزام هنيو ته پوليس چڙهائي دوران سونا زيور ۽ ٻيو لکين رپين جو قيمتي سامان به ڦر ڪري وئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*