اليڪشن ڪميشن سينيٽ مان رٽائرڊ ٿيندڙ 52 سينيٽرز جي لسٽ جاري ڪري ڇڏي

اليڪشن ڪميشن سينيٽ مان رٽائرڊ  ٿيندڙ 52 سينيٽرز جي لسٽ جاري ڪري ڇڏي،  3 مارچ تي اليڪشن ڪرائڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.

اليڪشن ڪميشن سينيٽ مان ريٽائرڊ ٿيندڙ 52 سينٽرن جي نالن جي لسٽ پڌري ڪندي ڄاڻايو آهي ته 3 مارچ تي سينيٽ جي چونڊ ٿيندي.

اليڪشن ڪميشن موجب، رٽائرڊ ٿيندڙ ۾ سينيٽ چيئرمين نيئر بخاري، اڳوڻو سينيٽ فاروق ايڇ نائيڪ، وفاقي وزير پرويز رشيد ۽ قائد ايوان راجا ظفرالحق رٽائر ٿي ويندا.

ان کانسواءِ اڳوڻو وفاقي گهرو وزير رحمان ملڪ، قاف ليگ سربراهه چوڌري شجاعت حسين، جهانگير بدر ۽ بابر غوري به رٽائر ٿي ويندا.

اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته سينيٽ ميمبرز رٽائر ٿيڻ کانپوءِ 3 مارچ تي چونڊ ٿيندي، جڏهن ته 11 فيبروري تي نامزدگي فارم ورتا ويندا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*