سموري سنڌ ۾ پوليومهم شروع ٿيڻ باوجود خيرپور ناٿن شاهه جي سوين ڳوٺن ۾ هيل تائين پوليو مهم شروع نه ٿي سگهي

سموري  سنڌ ۾ پوليو مهم شروع ٿيڻ باوجود خيرپور ناٿن شاهه جي ڪاڇي جي سوين ڳوٺن ۾ هيل تائين پوليومهم شروع نه ٿي سگهي، جنهن سبب هزارين ٻارڙا پوليو جي ويڪسين کان محروم ٿي ويا.

ڪاڇي جي يوسي ٻرڙا ۽  ڇوڙ جي ڳوٺ موريو کوهه، بخشل کوهه،ڪلوڙ چانڊيو،روهل چانڊيو سميت سوين ڳوٺڻ ۾ هيل تائين پوليو مهم شروع ناهي ٿي سگهي.

ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته هيل تائين صحت کاتي جي ڪابه ٽيم ڳوٺن ڏانهن لڙي ناهي آئي، جنهنن سبب هڪ به ٻار کي پوليو جا ويڪسين ناهن ملي سگهيا.

هنن مطالبو ڪيو ته پوليو جون ٽيمون جلد ڳوٺن ڏانهن اماڻي ٻارڙن کي پوليو جا ويڪسين ڏنا وڃن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*