راولپنڊي ڀرسان پوليس جي ناڪابندي دوران آپگهاتي بمبار پاڻ کي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو

راولپنڊي ڀرسان واهه گارڊن واري علائقي ۾ پوليس دهشتگردي جي ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏي آهي، پوليس جي ناڪابندي دوران آپگهاتي بمبار پاڻ کي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو آهي، گهرو وزير چوڌري نثار واقعي جي مذمت ڪندي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.

واهه ڪينٽ واري علائقي ۾ پوليس جي ناڪابندي دوران پشاور کان راولپنڊي اينڊر مسافر وين جي جهڙتي دوران هڪ جوابدر وين فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن کي گرفتار ڪرڻ دوران آپگهاتي بمبار پاڻ کي ڌماڪي سان تباهه ڪيو.

پوليس موجب، ناڪابندي دوران هڪ جوابدر فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن پوليس گاڏي ڀرسان پاڻ کي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو، جنهن جي عمر اٽڪل 20 کان 25 سالن جي وچ ۾ هئي.

پوليس موجب، ڳجهي اطلاع تي ناڪابندي ڪئي وئي هئي، جنهن دوران اهڙي دهشتگردي جي منصوني کي نڪام بڻائي 2 دستي بم به هٿ ڪيا ويا.

ٻئي پاسي وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار واقعي جي مذمت ڪندي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*