پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري جي ڏيهه واپسي بعد سنڌ ۾ سياسي سرگرميون تيز ٿي ويون آهن

asif-zardari27-8

پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري جي ڏيهه واپسي بعد سنڌ ۾ سياسي سرگرميون تيز ٿي ويون آهن، آصف زرداري جي صدارت هيٺ پ پ جو اهم اجلاس اڄ ٿي رهيو آهي، جنهن ۾ شهيد بينظير ڀٽو جي ورسي ۽ انور مجيد جي آفيسن تي ڇاپن سميت مختلف معاملن تي غور ويچار ڪيو ويندو.

پيپلز پارٽي جو اجلاس بلاول هائوس ڪراچي ۾ ٿي رهيو آهي، جنهن جي صدارت دبئي مان واپس آيل  پ پ جو شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري ڪندو.

اجلاس ۾ شهيد بينطير ڀٽو جي ورسي، آصف زرداري جي ويجهي ساٿي انور مجيد جي آفيسن تي رينجرز جي ڇاپن سميت اهم معاملن تي غور ويچار ڪيو ويندو.

آصف علي زرداري جي ڏيهه واپسي بعد سنڌ جي سياست ۾ هلچل مچي وئي آهي، آصف زرداري گذريل ڏينهن مختلف سياسي اڳواڻن سان ملاقاتون به ڪيون….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*