بلوچستان جي شهر ڪچلاڪ ۾ تيز رفتار ڪار ۽ اٺ گاڏيءَ وچ ۾ٽڪر سبب ڪار سوار 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا ۽ 2 اٺ پڻ مري ويا
بلوچستان جي شهر ڪچلاڪ ۾ تيز رفتار ڪار ۽ اٺ گاڏيءَ وچ ۾ٽڪر سبب ڪار سوار 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا ۽ 2 اٺ پڻ مري ويا.
يخ ڪاريز واري علائقي ۾ حادثي سبب ڪار ڪلٽيون کائي کاهيءَ ۾ ڪري پئي، جنهن جي نتيجي ۾2 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا، جن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو. حادثي جو شڪار ٿيل ڪار مڪمل تباهه ٿي وئي،
هوڏانهن حادثي سبب 2 اٺ مري ويا، متاثر پورهيت جو چوڻ هو ته اٺن جي مرڻ سان کيس لکين رپين جو نقصان پهتو آهي……