سينيٽ چيئرمين نيئر بخاري تيل بحران جو نوٽيس وٺندي اسٽينڊنگ ڪميٽيز جا اجلاس 23 جنوري تي طلب ڪري ورتا

سينيٽ جي چيئرمين نيئر بخاري تيل بحران جو نوٽيس وٺندي پيٽروليم، ناڻي ۽ پاڻي بجلي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽيز جا اجلاس 23 جنوري تي طلب ڪري ورتا، قومي اسيمبلي جو اجلاس سڏائڻ لاءِ مخالف ڌر جي 86 ميمبرز ريڪيوزيشن تيار ڪري ورتي آهي.

سينيٽ چيئرمين نيئر بخاري تيل بحران جو نوٽيس وٺندي پاڻي بجلي، پيٽروليم ۽ ناڻي وارين اسٽينڊنگ ڪميٽيز جو گڏيل اجلاس 23 جنوري تي طلب ڪيو آهي.

اسٽينڊنگ ڪمٽيز جي گڏيل اجلاس ۾ تيل بحران معاملو جو جائزو ورتو ويندو ۽ آئنده جي حڪمت عملي جوڙي ويندي ته جيئن ٻيهر اهڙي سنگين بحران کان بچي سگهجي.

قومي اسيمبلي جو اجلاس سڏائڻ لاءِ مخالف ڌر جي 86 ميمبرز به ريڪيوزيشن تيار ڪري ورتي آهي، جنهن جي جمع ٿيڻ بعد 14 ڏينهن اندر اجلاس طلب ڪرڻ لازمي هوندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*