ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ ڦر دوران مزاحمت ڪرڻ تي هٿياربندن فائرنگ ڪري هڪ شخص کي زخمي ڪري ڇڏيو

karachi map

ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ ڦر دوران مزاحمت ڪرڻ تي هٿياربندن فائرنگ ڪري هڪ شخص کي زخمي ڪري ڇڏيو، پوليس پاران ڪارروائي دوران ٽن مبينا ڏوهارين کي گرفتار ڪري سندن قبضي مان هٿيار هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي.

لياري ۾ هٿياربندن موٽرسائيڪل سوار شخص کان ڦر جي ڪوشش ڪئي،جنهن دوران مزاحمت ڪرڻ تي ڦورن فائرنگ ڪري موٽرسائيڪل سوار کي زخمي ڪري ڇڏيو.

پوليس موجب زخمي شخص کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾سول اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

ماڙيپور پوليس هڪ ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪري ٽن مبينا جوابدارن کي گرفتار ڪري سندن قبضي مان هٿيار هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.

پوليس موجب گرفتار جوابدار اسٽريٽ ڪرائيم ۾ ملوث آهن، مٿن مختلف ٿاڻن تي ڪيس پڻ داخل آهن.

پوليس موجب جوابدارن ۾ عبدالحميد، حسين ۽ زبير شامل آهن جوابدار حسين ۽ زبير جيل به ڀوڳي چڪا آهن….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*