قمبر کي ضلعو بڻائڻ لاءِ جدو جهد ڪرڻ دوران شهيد ٿي ويل چئن ڄڻن جي اڄ 12 هين ورسي ملهائي پئي وڃي

kamber

قمبر کي ضلعو بڻائڻ لاءِ جدو جهد ڪرڻ دوران شهيد ٿي ويل چئن ڄڻن جي اڄ 12 هين ورسي ملهائي پئي وڃي، جنهن سبب قمبر شهدادڪوٽ ضلعي ۾ عام موڪل ڪئي وئي آهي، شهرين پاران شهيدن جي مزارن تي حاضري ڀرڻ بعد گلن جون چادرون چاڙهي فاتح خواني ڪئي وئي.

قمبر جي بحالي واري جهدو جهد ۾ شهيد ٿي ويل استاد محمد علي مگسي، ناصر حسين خانزادو، رياض حسين برڙو ۽ عبدالفتاح تنيو جي اڄ ٻارهين ورسي ملهائي پئي وڃي، جنهن ڪري قمبر، شهدادڪوٽ ضلعي ۾ عام موڪل ڪئي وئي آهي.

يادگار شهدا ڪميٽي ۽ ضلعو سينگاريو ڪميٽي طرفان شهيدن جي مزارن تي گلن جون چادرون چاڙهي فاتح خواني ڪئي وئي ۽ شهيدن جي ايصال ثواب لاءِ قرآن خوانيون ڪرايون پيون وڃن.

واضح رهي  2004ع ۾ سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير ارباب غلام رحيم لاڙڪاڻي ضلعي کي ٽوڙي قمبر ايٽ قمبر ضلعي جو اعلان ڪيو هو.

شهدادڪوٽ جي شهرين ضلعو بڻائڻ لاءِ احتجاج ڪيو ته سرڪار ٻيهر 10 ڏينهن بعد ترميم ڪري شهدادڪوٽ ايٽ قمبر ضلعي جو اعلان ڪيو، جنهن کانپوءِ قمبر جي شهرين جدو جهد ڪئي  ۽ ان دوران پوليس جي فائرنگ ۾ چار ڄڻا شهيد ٿي ويا هئا، بعد ۾ ضلعي جو نالو قمبر، شهدادڪوٽ رکيو ويو……………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*