ڪراچي جي عدالت، هوٽل کي باهه لڳڻ واري ڪيس ۾ 5 جوابدارن جي حفاظتي ضمانت ۾ 5 جنوري تائين واڌ ڪري ڇڏي

rejunt plaza khi

ڪراچي جي عدالت، هوٽل کي باهه لڳڻ واري ڪيس ۾ 5 جوابدارن جي حفاظتي ضمانت ۾ 5 جنوري تائين واڌ ڪري ڇڏي.

سيشن جج ڏکڻ جي عدالت ۾ ريجن پلازه وٽ هوٽل ۾ باهه لڳڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.

ٻڌڻي دوران هوٽل مالڪ  زبير الدين، مظفر، سعد، ارشد ۽ جاويد عدالت ۾ پيش ٿيا.

جوابدارن جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته هوٽل مالڪ جاچ ۾ مڪمل سهڪار لاءِ تيار آهي، تنهنڪري سندن حفاظتي ضمانت ۾ واڌ ڪئي وڃي.

عدالت، هوٽل مالڪ سميت سمورن جوابدارن جي حفاظتي ضمانت ۾ 5 جنوري تائين واڌ ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.

واضح رهي ته سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم بعد جوابدارن ٽرائل ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي، هوٽل ۾ باهه لڳڻ سبب ڊاڪٽرن سميت 12 ڄڻا اجل جو شڪار ٿيا هئا……………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*