عيسائي برادري ڪرسمس جو جشن ملهائڻ لاءِ سنبت مڪمل ڪري ورتي آهي، وزير اعظم هدايت ڪئي آهي ته ڪرسمس جي موقعي تي ملڪ ۾ ڪٿي به لوڊ شيڊنگ نه ٿيڻ گهرجي

pm at ashakabad

عيسائي برادري ڪرسمس جو جشن ملهائڻ لاءِ سنبت مڪمل ڪري ورتي آهي، وزير اعظم هدايت ڪئي آهي ته ڪرسمس جي موقعي تي ملڪ ۾ ڪٿي به لوڊ شيڊنگ نه ٿيڻ گهرجي.

هر سال سڄي دنيا جي عيسائي برادري 25 ڊسمبر کي حضرت عيسيٰ عليه صلات والسلام جي پيدائش جو ڏينهن سمجهي عيد جهڙو جشن ملهائيندي آهي، پاڪستان ۾ به ان حوالي سان سڄي ملڪ خصوصي تقريبون، ميڙاڪا ۽ محفلون ٿينديون آهن.

وزير اعظم ميان نواز شريف عيسائي برادري جي مذهبي ڏينهن جي اهميت کي محسوس ڪندي پاڻي ۽ بجلي واري وزارت کي هدايت ڪئي آهي ته 25 ڊسمبر تي سڄي ملڪ ۾ ڪٿي به لوڊ شيڊنگ نه ڪئي وڃي.

وزير اعظم جي اعلان تحت اڄ رات 12 وڳي کان سڀاڻي رات ساڳئي وقت تائين بجلي کاتو لوڊ شيڊنگ نه ڪرڻ جو پابند آهي…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*