لاهور هاءِ ڪورٽ گلو بٽ جي سزا خلاف درخواست اعتراض لڳائي واپس ڪري ڇڏي

لاهور هاءِ ڪورٽ، گلو بـَٽ جي 11 سال قيد واري سزا خلاف درخواست اعتراض لڳائي واپس ڪري ڇڏي آهي، رجسٽرار آفيس جو چوڻ آهي ته وڪالت نامي تي گلو بٽ جون صحيحون ٿيل  ناهن.

گلو بـَٽ پنهنجي وڪيلن جي معرفت دهشتگردي ٽوڙ عدالت پاران ٻڌايل 11 سالن جي قيد ۽ ڏنڊ واري سزا خلاف لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي آهي.

 درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته دهشتگردي جي انت واري عدالت رڳو 2 گاڏيون ڀڃڻ جي الزام ۾ کيس 11 سال قيد جي سزا ٻڌائي، جيڪا ناانصافي آهي، عدالت پنهنجي فيصلي ۾ قانوني گهرجون پوريون ناهن ڪيون.

گلو بٽ اهو به موقف اختيار ڪيو ته پوليس پاران پيش ڪيل چالان به بدنيتي تي ٻڌل هو ، گاڏيون ڀڃڻ تي دهشتگردي ايڪٽ لاڳو نٿو  ٿئي.

گلو بٽ عدالت کي استدعا ڪئي ته دهشتگردي جي انت واري عدالت جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏنو وڃي.

 عدالت، گلو بٽ جي اهڙي درخواست تي اعتراض لڳائي واپس ڪري ڇڏي آهي، رجسٽرار آفيس جو چوڻ آهي ته وڪالت نامي تي گلو بٽ جون صحيحون ٿيل ناهن، صحيح کانپوءِ درخواست ٻيهر داخل ڪرائي وئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*