جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته ڪرپشن پاڪستان جون پاڙون کوکليون ڪري ڇڏيون آهن

siraj ul haq lahore

جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته ڪرپشن پاڪستان جون پاڙون کوکليون ڪري ڇڏيون آهن، ادارن جي بي ناڪامي سبب طاقتور جو احتساب نه ٿي سگهيو آهي.

چارسده ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي سراج الحق چيو ته قومي احتساب بيورو  ڪرپشن جي روڪٿام ۾ مڪمل طور ناڪام ويو آهي.

هن چيو ته نيب چيئرمين جي مقرري سپريم ڪورٽ جي سفارش تحت ڪئي وڃي، ادارن جي بهتري کانسواءِ ڪرپشن جو خاتمو ممڪن نه آهي.

سراج الحق وڌيڪ چيو ته پاناماليڪس ڪيس جو فيصلو هلندڙ مهيني ئي ٿيڻ گهرجي، نئين بينچ تي کين مڪمل اعتماد آهي…………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*