بلوچستان ميگا ڪرپشن اسڪينڊل ڪيس ۾ نيب حراست هيٺ ناڻي واري اڳوڻي صوبائي سيڪريٽري مشتاق رئيساڻي خلاف ايف بي آر به جاچ شروع ڪري ڇڏي

NAB-13716

بلوچستان ميگا ڪرپشن اسڪينڊل ڪيس ۾ نيب حراست هيٺ ناڻي واري اڳوڻي صوبائي سيڪريٽري مشتاق رئيساڻي خلاف ايف بي آر به جاچ شروع ڪري ڇڏي، فيڊرل بورڊ آف روينيو مشتاق رئيساڻي کي نوٽيس جاري ڪرڻ سان گڏ 5 سالن جو ٽئڪس رڪارڊ طلب ڪري ورتو.

بلوچستان ميگا ڪرپشن اسڪينڊل هيٺ اڳوڻي صوبائي سيڪريٽري مشتاق رئيساڻي خلاف مختلف رخن کان جاچ جو سلسلو جاري آهي.

مشتاق رئيساڻي نيب حراست ۾ ڪوئيٽا سول اسپتال جي جيل وارڊ ۾ داخل آهي، هاڻي سندس خلاف فيڊرل بورڊ آف روينيو به جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.

ايف بي آر اڳوڻي صوبائي سيڪريٽري مشتاق رئيساڻي کي نوٽيس جاري ڪرڻ سان گڏ سندس 5 سالن جو ٽيڪس رڪارڊ پڻ طلب ڪري ورتو آهي.

بلوچستان جي ناڻي واري اڳوڻي سيڪريٽري مشتاق رئيساڻي کي ڪجهه مهينا اڳ گرفتار ڪري ڪروڙين رپيا هٿ ڪيا ويا هئا………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*