چيف جسٽس جسٽس ثاقب نثار ذميواريون سنڀاليندي ئي پاناما ليڪس ڪيس جي ٻڌڻي لاءِ لارجر بينچ جوڙي ڇڏي

panama-pepars-links

چيف جسٽس جسٽس ثاقب نثار ذميواريون سنڀاليندي ئي پاناما ليڪس ڪيس جي ٻڌڻي لاءِ لارجر بينچ جوڙي ڇڏي، جسٽس آصف سعيد کوسا جي سربراهي ۾ بينچ 4 جنوري کان ڪيس جي ٻڌڻي ڪندي.

چيف جسٽس، جسٽس ثاقب نثار ذميواريون سنڀالڻ کانپوءِ پاناما ليڪس ڪيس جي ٻڌڻيءَ لاءِ جسٽس آصف سعيد کوسا تي ٻڌل 5 رڪني لارجر بئنچ جوڙي ڇڏي آهي.

پاناما ليڪس ڪيس جي ٻڌڻيءَ لاءِ جوڙيل بئنچ ۾ جسٽس سجاد افضل، جسٽس گلزار احمد، جسٽس شيخ عظمت ۽ جسٽس اعجاز افضل شامل آهن، جڏهن ته اڳوڻَي ميمبر جسٽس امير هاني مسلم کي بئنچ ۾ شامل نه ڪيو ويو آهي.

سپريم ڪورٽ جي پنج رڪني بئنچ 4 جنوري کان پاناما ليڪس ڪيس جي ٻڌڻي ڪندي.

اڳوڻي چيف جسٽس انور ظهير جمالي عدالتي موڪلن ۽ سندس ريٽائرمينٽ وارو مدو ويجهو هئڻ سبب پاناما ليڪس ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي هئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*