خانپور مهر ويجهو ڇتي ڪتي جو ڏاڙهيل نوجوان اسپتال ۾ ويڪسين نه ملڻ ڪري فوت ٿي ويو

khanpur-11616

خانپور مهر ويجهو ڇتي ڪتي جو ڏاڙهيل نوجوان اسپتال ۾ ويڪسين نه ملڻ ڪري فوت ٿي ويو ، زخمي وڌيڪ هڪ نوجوان کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾  رحيميار خان اسپتال منتقل ڪيو ويو، صحت کاتي موجب هلندڙ سال گهوٽڪي ضلعي ۾ 2 هزار 969 ماڻهو ڪتن جي ڏاڙهڻ سبب زخمي ٿيا آهن.

ڳوٺ پٺاڻ لنڊ ۾ ڇتي ڪتي جي ڏاڙهڻ سبب 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي مقامي اسپتال منتقل ڪيو ويو، پر ويڪسين نه هئڻ ڪري نوجوان فياض لنڊ  تڙپي تڙپي فوت ٿي ويو.

زخمي وڌيڪ هڪ نوجوان کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ رحيميار خان جي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

صحت کاتي جي انگن اکرن موجب گهوٽڪي ضلعي ۾ هلندڙ سال 2 هزار 969 ماڻهو رولو ۽ ڇتن ڪتن جي ڏاڙهڻ سبب زخمي  ٿي ٿيا آهن.

هفتو اڳ ڊي سي گهوٽڪي اعجاز شاهه ضلعي ۾ ڪتا مار مهم جو حڪم ڏنو هو، پر ان تي اڃا تائين عمل نه  ٿي سگهيو آهي………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*