ٽنڊو ڄام ۾ حد دخليون ڄاڻائي گهر ۽ دڪان ڊاهڻ خلاف شهر جي واپاري برادري پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

tando jam tajir

ٽنڊو ڄام ۾ حد دخليون ڄاڻائي گهر ۽ دڪان ڊاهڻ خلاف شهر جي واپاري برادري پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

واپارين تسليم راجپوت، نور محمد ناهيون، عمران راجپوت ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي حيدرآباد، ميرپورخاص روڊ تي ڌرڻو هڻي ٽريفڪ معطل ڪري ڇڏي.

احتجاج ڪندڙن چيو ته ضلعي انتظاميه حد دخليون ڄاڻائي رجسٽري واري عمارتن کي ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيو آهي، جيڪا نا انصافي آهي.

هنن چيو ته حيدرآباد، ميرپورخاص روڊ جي ٻنهي پاسن کان رجسٽرڊ عمارتون کي پٽ ڪيو ويو آهي، جنهن به مالڪن کي ڪوبه نوٽيس جاري ناهي ڪيو ويو.

احتجاج ڪندڙن مطالبو ڪيو ته غير قانوني طور ڊاهي پٽ ڪيو عمارتن جي مالڪن کي معاوضو ڏنو وڃي، ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو…………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*