اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي رجسٽرار گهريلو ملازمه نينگري طيبه تي تشدد واري معاملي جي انڪوائري رپورٽ چيف جسٽس حوالي ڪري ڇڏي

isb-h

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي رجسٽرار گهريلو ملازمه نينگري طيبه تي تشدد واري معاملي جي انڪوائري رپورٽ چيف جسٽس حوالي ڪري ڇڏي، ايف آءِ آر جي ڪاپي ۽ نينگريءَ جي بيان کي به رپورٽ ۾ شامل ڪيو ويو، چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ معاملي جي جاچ جو حڪم ڏنو هو.

سيڪٽر آءِ ايٽ ۾ گهريلو ملازمه نينگري طيبه تي تشدد واري معاملي جي رپورٽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس حوالي ڪئي وئي آهي.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي رجسٽرار ايڊيشنل سيشن جج ۽ پوليس جي بيانن جي مدد سان انڪوائري رپورٽ مڪمل ڪئي، جڏهن ته ايف آءِ آر جي ڪاپي ۽ نينگري جي بيان کي به رپورٽ جو حصو بڻايو ويو.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس نينگري طيبه تي تشدد واري معاملي جو نوٽيس وٺندي رجسٽرار کي انڪوائري ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*