قمبر ۾ آءِ بي اي ٽيسٽ پاس اميدوارن مقرري جا آرڊر نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو

kamber headmaster pro

قمبر ۾ آءِ بي اي ٽيسٽ پاس اميدوارن مقرري جا آرڊر نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو.

هيڊ ماستري جو امتحان پاس ڪندڙ اميدوارن قمبرپريس ڪلب آڏو مسرور عباسي ، سعيد ٻرڙو، اياز جمالي، عابد جلباڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو.

احتجاج ڪندڙ چيو ته هنن ڏيڍ سال اڳ هيڊ ماستري جو امتحان پاس ڪيو پر هيل تائين کين مقرري جا آرڊر نه ڏنا ويا آهن.

هنن چتاءُ ڏيندي چيو ته جيڪڏهن کين فوري طور آرڊر نه ڏنا ويا ته سخت احتجاج ڪيو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*