امريڪي ڳجهي اداري سي آءِ اي جي سربراهه جان برينن چيو آهي

usa securty

امريڪي ڳجهي اداري سي آءِ اي جي سربراهه جان برينن چيو آهي ته روس پاران امريڪي چونڊن عمل ۾ هيڪنگ ذريعي مداخلت ڪرڻ بابت ايندڙ رپورٽ تي تنقيد ڪندڙن کي رپورٽ پڙهڻ کان اڳ فيصلو ٻڌائڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي.

هڪ ٽي وي انٽرويو دوران جان برنن جو چوڻ هو ته امريڪي انٽيليجنس ايجنسيون دنيا جي  بهترين ايجنسي آهي، جنهن جي مهارت ۽ صلاحيتن جو مقابلو دنيا جي ڪابه ايجنسي نٿي ڪري سگهي.

هن چيو ته ايجنسين پاران روسي هيڪنگ جي ڪا رپورٽ پڌري نه ٿي آهي، انڪري معاملي تي تنقيد ڪندڙن کي هو صلاح ڏيندو ته رپورٽ سامهون اچڻ جو انتظار ڪن، ان کان اڳ ڪي فيصلا نه ٻڌائين.

وڪيليڪس ذريعي امريڪا جا راز فاش ڪندڙ جوليان اسانج بابت سوال جي جواب ۾ سي آءِ اي جي سربراهه جوليان اسانج سچ ۽ وقار جو معيار نه آهي انڪري انکي بنياد بڻائي تبصرا ڪرڻ اجايا آهن.

شام جي صورتحال بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ جان برينن جو چوڻ هو ته جهڙي ريت شام جي صورتحال تبديل ٿي رهي آهي، ان کي نظر ۾ رکندي پاليسين ۾ ڪجهه تبديليون ڪري سگهجن ٿيون.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*